SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


تغير پسنديءَ جو نظريو


بين الاقوامي تعلقات جي ڊڪشنريءَ مان:


تغير پسنديءَ جو نظريو

Incrementalism

انڪريمينٽلزم

1963ع ۾ ڊيوڊ بريبروڪ ۽ چارلس لنڊبلوم، ”انڪريمينٽلزم“کي فيصلي ڪرڻ واري صلاحيت ۽ سگهه ۾ مدد گار عنصر طور سامهون آندو. اهي ٻئي ليکڪ فيصلي ڪرڻ واري عمل ۾ ٻن عنصرن کي سامهون رکن ٿا:
(1) فيصلي ڪرڻ لاءِ گهربل معلومات ڪيتري ميسر آهي
(2) فيصلي جا اثرات ڪهڙا ٿيندا؟ هنن ٻنهي عالمن جي خيال مطابق جيڪڏهن فيصلي ڪندڙ کي هر معاملي جي پوريءَ طرح سان معلومات آهي ۽ فيصلو ڪندڙ انهيءَ معلومات جو صحيح استعمال ڪندڙ آهي ته پوءِ نتيجن جو اندازو لڳائڻ گهڻو مشڪل نه ٿيندو.
هنن ليکڪن مطابق اها حڪمت عملي اختيار ڪرڻ سان ٽي شيون ٿي سگهن ٿيون:
1. جتي ڪنهن معاملي بابت معلومات پوريءَ طرح آهي، ۽ فيصلي تي تمام وڏا ۽ هاڪاري اثر پوندا.
2. جتي ڪنهن معاملي بابت معلومات گهٽ آهي ته فيصلي جا مُختلف چڱا ۽ بُرا اثر پوندا.
3. ڪنهن ڳالهه جي معلومات معمولي آهي ته فيصلا به گهٽ اثرانداز ٿيندڙ بلڪ ڪنهن قدر ناڪاري هوندا آهن. هنن عنصرن منجهان آخري عنصر کي هميشه سياست سان جوڙيو ويندو آهي. سياست ۾ گهٽ علم جي بنيادن تي جيڪي پاليسيون ٺهنديون آهن، انهن جو ٿوري عرصي لاءِ اثر هوندو آهي پر گهڻي دير تائين فائديمند نه هونديون آهن. بين الاقوامي معاملن ۾ ”انڪريمينٽلزم“ جو ڪردار ساڳيو ناهي، جيڪو ڪاموراشاهي يا ڪنهن ٻئي روايتي اداري جو هوندو آهي. هڪ ڪامياب پرڏيهي پاليسي جوڙڻ ۾ ”انڪريمينٽلزم“کي اڳيان رکيو ويندو آهي، پر وقت جي مناسبت سان تعلقات ۾ ايندڙ تبديلين جو پڻ خيال رکيو ويندو آهي


Remember Me Also:

ساڻو

ذ. [سن. شرانتَ = ٿڪل < شرَم = پورهيو] بي ستو ، نستو ، هيڻو ، ڪمزور. اڀرو ، ڏٻرو. ٿڪل ٽٽل ، هڄيل. مورڇا. بيهوش. ماندو ، بيزار ، کهيل ، ڳهيل ، کيرو ، ڦان. جهڪو. موڳو.

Let's Learn Sindhi

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal